اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم نواز شريف قومي ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪباد جي وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ”ويلڊن پاڪستان ويلڊن“ نواز شريف چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ثابت ڪيو ته اها دنيا جي بهترين ٽيم آهي، ڀارت کي تمام وڏي مارجن تان شڪست ڏيڻ تي سڄي قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به پاڪستاني ٽيم ڪرڪيٽ جي سمورن فارميٽس ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي، صدر ممنون حسين پڻ قومي ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي.