ڪراچي (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ۽ ڪڪ بيڪس جي انڪشافن شريف خاندان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر انعام الرحمان شريف خاندان بابت جيڪي انڪشاف ڪيا آهن، ان کانپوءِ هن کي جي آءِ ٽي ۾ به ثبوت ڏيڻ گهرجن، هن چيو ته انعام الرحمان حديبيه پيپر ملز ۽ موٽروي جي متحلق انڪشاف ڪيا آهن، جي آءِ ٽي ايف آءِ اي جي انهي عملدار کان به جاچ ڪري، عمران چيو ته گاڊ فادر جا وفادار انعام الرحمان کي  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کيس تحفظ ڏنو وڃي، هوڏانهن ڪراچي ۾ پهچڻ بعد ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عيد کانپوءِ قوم کي خوشخبري ملڻ واري آهي،  قطري خط فراڊ آهي. قطري ڪڏهن بيان رڪارڊ ڪرائڻ پاڪستان نه ايندو، هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ ئي الائينس آهي، جيڪو ڪرپٽ مافيا جي خلاف آهي. ڪرپٽ معافيا عوام جا پئسا چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪليندا رهيا آهن، قوم هن ڪرپٽ مافيا جي خلاف ڪارروائي چاهي ٿي. ان مافيا جي گاڊ فادر جو نالو گذريل ڏينهن وٺي چڪو آهيان، ميڊيا ڪرپٽ مافيا جي مالي مفادن جو تحفظ ڪري رهي آهي. هن چيو ته فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي ۽ جلد ئي ڪرپٽ مافيا ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سياستدانن کان قوم کي نجات ملندي، هن چيو ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين، ان موقعي تي پي ٽي آئي سنڌ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي، فردوس شميم نقوي، نعيم الحق، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ثمر علي خان، خرم شير زمان، حليم عادل شيخ، سردار عبدالعزيز، ملڪ شهزاد احمد، سيف الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.