اسلام آباد (اين اين آءِ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري عمران خان کي پاڪستان ۽ آمريڪا جي عدالتن مان ڀاڳوڙو اشتهار قرار ڏئي ڇڏيو، هڪ خانگي ٽي وي موجب طلال چوڌري چيو ته عمران خان رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته جمهوريت ۾ ليڊر جوابده هوندو آهي پر عمران خان خود پاڪستان ۽ آمريڪا جي عدالت مان ڀاڳوڙو  اشتهار آهي، هن چيو ته ريحام خان دنيا ک’ي ٻڌائي چڪي آهي ته تحريڪ انصاف کي زڪوات ۽ عطئي جي پيسن کي سازشن ۽ ڌرڻن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران خان ڀارت کان فنڊنگ وٺي پاڪستان جي خلاف عالمي سازش جو حصو بڻيو.