لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي هدايتن ۽ اختيارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته هن وقت جي آئي ٽي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪم نه ڪري رهي آهي، جي آءِ ٽي خود پنهنجو پاڻ کي تڪراري بڻائي رهي آهي اها ڳالهه سمجھه کان ٻاهر آهي ته جنهن تي الزام آهي ان کان هر ڀيري سوال ۽ ثبوت گھريا پيا وڃن، اهو جاچ جو اهو فارمولو آهي جيڪو دنيا ۾ ڪٿي به استعمال نه ٿو ٿئي. صوبائي وزير چيو ته جاچ ٽيم کي گھرجي ته هو لنڊن وڃي معلوم ڪري ته فليٽ ڪهڙي طرح ٺاهيا ويا ۽ اهو ئي طريقو آهي جنهن سان ڪجھه ثبوت ملي سگھن ٿا، هن چيو ته جي آئي ٽي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي ان کي هر صورت ۾ قبول ڪنداسين.