لالا موسيٰ (آن لائن) پ پ پنجاب جي صدر قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته نواز سرڪار هن وقت وائڙائپ جو شڪار آهي، حڪومت ڪو فيصلو نه پئي ڪري سگهي، سندن ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، ٻنهي شريف ڀائرن جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿي اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته هاڻي سندن جند آجي ٿي ويندي پر هاڻي ائين ممڪن ناهي، عدالتون آزاد آهن، اعليٰ عدالت مان آيل فيصلو شريفن کي قبول ڪرڻو پوندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شريف ڀائرن جو اهو چوڻ غلط آهي ته سندن ڀٽو دور کان احتساب ٿي رهيو آهي، 1972ع ۾ اهي ڪائونسلر به نه هئا، هن چيو ته مشرف دور ۾ شريفن جو احتساب شروع ٿيو ته هنن معافيون گهرڻ شروع ڪيون، نوٽن جا 40-40 بريف ڪيس کڻي اهي پرڏيهه هليا ويا.