ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي پڪتيا ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي آپگھاتي حملي ۾ 5 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا، دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن تائين هلندڙ جهڙپ ۾ چارئي حملي آور مارجي ويا، ٻئي طرف طالبان ترجمان ذبيح الله ترجمان پوليس هيڊڪوارٽر حملي جي ذميواري قبول ڪندي 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان گھرو وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته پڪتيا جي ضلعي اسپينگر ۾ هڪ آپگھاتي بمبار بارود سان ڀريل گاڏيءَ کي پوليس هيڊڪوارٽرن جي دروازي تي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وڌيڪ چئن حملي آورن هيڊڪوارٽر ۾ گھڙي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جيڪا چئن ڪلاڪن تائين جاري رهي، جھڙپ ۾ 5 پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا، طالبان جي خلاف جنگ سبب سڄي ملڪ ۾ تشدد جي هوا پکڙيل آهي.