لاهور (اين اين آءِ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته حقيقت ۾ پي ٽي آءِ عمران خان پاڻ کي ئي شڪست ڏيڻ جي ڊوڙ ۾ لڳل آهن، نوازشريف مرد آهي ۽ پهاڙ جيڏو حوصلو رکي ٿو، وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي آءِ ٽي جي اڳيان پيش ٿي قانون جي حڪمراني جو بنياد مضبوط ڪيو آهي. اسان اميد ڪيون ٿا ته جي آئي ٽي به انصاف جا تقاضا پورا ڪندي اسان جي خدشن جو واضح جواب ڏيندي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته نواز شريف چونڊيل وزيراعظم آهي، هو ڇو ڪنهن انوکي لاڏلي جي چوڻ تي استعيفا ڏيندو، اسان پي ٽي آئي کي ڪارڪردگيءَ جي ميدان ۾ مقابلي جو چئون ٿا ته هوءَ رستن جي ڌوڙ اڏائڻ ۽ پٽڪا لاهڻ شروع ڪري ٿي، سياست ۾ جڏهن به بد تهذيبي جو ذڪر ايندو عمران خان جو نالو ان سان جڙيل هوندو.