لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به وقت عام چونڊن يا ڪنهن تحريڪ جو اعلان ٿي سگهي ٿو، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته 22 جون کانپوءِ ڪنهن به وقت پاناما ڪيس جو فيصلو اچي سگهي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ لنڊن فليٽن بابت ڪو به جواب نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته عمران خان سمورن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن، هن چيو ته حديبيه پيپرز ملز وڏو اسڪينڊل آهي، انهي ملز لاءِ 8 ارب جي رقم موٽر وي مان آئي هئي، شريف ڀائرن موٽر وي جي ساڍا 8 ارب جي رٿا کي 22 ارب تي پهچايو هو، هن ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي عملدار انعام الرحمان جو چوڻ هو ته شريف فيملي جا جعلي اڪائونٽس جاويد ڪياني تيار ڪيا، حسين نواز ساڻس گڏجي اهي اڪائونٽس آپريٽ ڪندو هو، هن مطالبو ڪيو ته ايف آءِ اي جي اڳوڻي عملدار انعام الرحمان کي تحفظ ڏنو وڃي، هن چيو ته عدليا ۽ جي آءِ ٽي خلاف بيان بازي ڪندڙ راڻا ثناءُ الله سوڌو ليگي اڳواڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن سان گڏ سندن ڪمينٽس /بيانن جي سي ڊي پڻ شامل آهي. هوڏانهن تحريڪ انصاف شهباز سرڪار جو اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، قرض اتارو، ملڪ سنوارو، سستي روٽي، پيلي ٽيڪسي، ميٽرو بس، آشيانه اسڪيمون فراڊ ثابت ٿيون آهن، جن مان هڪ پاسي عوام کي ڪو فائدو نه پهتو ته ٻئي طرف قومي خزاني جا اربين رپيا ٻڏي ويا، پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان محمود الرشيد وائيٽ پيپر جاري ڪندي چيو آهي ته سستي روٽي اسڪيم جي نالي ۾ 70 ارب جو فراڊ ٿيو، اسڪيم فلاپ ٿيڻ باوجود حڪومتي اسيمبلي ميمبرن کي سبسڊي  وارو اٽو ملندو رهيو، هن چيو ته پنجاب ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ فراڊ ٿيو، 5738 ورهايل ليپ ٽاپس مان 1771 شاگردن کي ڊبل ڊبل ليپ ٽاپ ڏنا ويا، 2081 شاگردن جا سڃاڻپ ڪارڊ جعلي نڪتا، 1181 شاگردن جو رڪارڊ ناهي، جڏهن ته 305 ليپ ٽاپ چوري ٿي ويا، هن چيو ته ميٽرو ۽ اورنج لائين جي نالي ۾ اربين رپيا پاڻي ۾ هليا ويا، يوٿ اجالا اسڪيم ۽ يوٿ هيلميٽ اسڪيم 3-3 مهينا هلي سگهيون، اسڪوٽي اسڪيم شروع ٿيڻ کان اڳ بند ٿي وئي، هن چيو ته 23 ارب جو نندي پور پاور پراجيڪٽ وڌي 120 ارب تي پهتو، هاڻي انهي ناڪام پراجيڪٽ کي خانگايو پيو وڃي، هن شهباز شريف کي فنڪار اعليٰ قرار ڏيندي چيو ته پنجاب جي خزاني تي لڳل ڌاڙن جو شريفن کي حساب ڏيڻو پوندو.