ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گورنر سنڌ کي سياسي ڳالهيون ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پهرين به چئي چُڪو آهيان ته گورنر سنڌ کي سياسي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ڇو ته سندس عهدو کيس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. اهڙو اظهار هن لياري ۾ پ پ اڳواڻ نبيل گبول پاران ڏنل افطار پارٽي جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. افطار پارٽي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، سڌ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ايم پي اي جاويد ناگوري سميت پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته لياري جا ماڻهو ڪنهن جي به ڳالهين ۾ اچڻ وارا ناهن. هو شروع کان وٺي پيپلز پارٽي کي کٽرائيندا رهيا آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به پ پ کي ووٽ ڏئي کٽرائيندا. ڀٽو شهيد ۽ شهيد راڻي جي دور کان لياري جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، لياري سان پيپلز پارٽي جو رشتو روح ۽ جسم جهڙو آهي، لياري جي عوام ڏوهاري عنصرن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هي اُهي ماڻهو آهن جن لياري کي ڪجهه به ناهي ڏنو. گورنر سنڌ کي مسلم ليگ (ن) جي سياسي مهم هلائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، گورنر جو عهدو غيرجانبدار هجڻ جي تقاضا ڪري ٿو. گورنر سنڌ کي سياسي ڳالهيون ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پهرين به چئي چُڪو آهيان ته گورنر سنڌ کي سياسي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ڇو ته سندس عهدو کيس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. بجيٽ جي ڪري لياري ۾ پهرين افطار پارٽي ۾ شريڪ نه ٿي سگهيس، رمضان ۾ لياري جي جيالن سان گڏجي افطار ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، لياري جي عوام هميشه پ پ کي ڪامياب ڪيو. شهيد ڀٽو کان ويندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو لياري مان ڪامياب ٿيا. اسان ڪڏهن به لياري کي نه وسارينداسون. لياري ۾ ڪجهه عرصو پهرين حالتون خراب هيون پر هاڻ حالتون ضابطي هيٺ آهن، اسان لياري ۾ پوريون پوريون راتيون گذاريون آهن.