اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڀارت خلاف پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابي تي فخر آهي، ثابت ٿي ويو ته ٽيم ورڪ کي ڪير به هارائي نٿو سگهي، آرمي چيف ڀارت خلاف ميچ کٽيندڙ ٽيم کي عمري تي موڪلڻ جو اعلان پڻ ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڀارت کي شڪست ڏئي شاندار فتح حاصل ڪرڻ تي قوم ۽ ٽيم کي مبارڪباد ڏني، ان کانسواءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل زبير محمود حيات ۽ هوائي فوج جي سربراهه ايئر مارشل سهيل امان پڻ قوم کي مبارڪباد ڏني آهي.