ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته لياري جي تهذيب قديم آهي، لياري گينگ وار جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪا ڳالهه سٺي ناهي، لياري جا روڊ ڏسي افسوس ٿئي ٿو، 40 سال اڳ به لياري جا روڊ ائين ئي هئا، اهڙو اظهار هن لياري ۾ مسلم ليگ (ن) پاران ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته چئن سالن جي جدوجهد کانپوءِ لياري ۾ امن قائم ٿيو آهي، لياري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو ڪردار اهم رهيو، هن چيو ته لياري جي تهذيب قديم آهي، لياري گينگ وار جي ڪري لياري جو نالو مشهور ٿيو، جيڪا ڳالهه سٺي ناهي، لياري ۾ فٽ بال ۽ باڪسنگ جا رانديگر رهن ٿا، راندين کي هٿي ملڻ گهرجي، پاڪستان جي سطح تي فٽبال کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته لياري جا روڊ ۽ رستا ڏسي افسوس ٿئي ٿو، 40 سال اڳ به لياري جا روڊ ۽ رستا ائين هئا جيئن اڄ نظر اچي رهيا آهن، افطار پارٽي کي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سرفراز جتوئي پڻ خطاب ڪيو.