ڪراچي (بيورو رپورٽ) لياري جي علائقي ۾ فٽبال گرائونڊ ۾ گورنر سنڌ محمد زبير جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽي ۾ شرڪت بعد سندس روانگي کان پوءِ هينڊ گرنيڊ جي حملي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس پي عديل حسين چانڊيو ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) پاران سنڌ جي گورنر محمد زبير جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽي ختم ٿيڻ کانپوءِ گورنر سنڌ ۽ ٻين مهمانن جي واپسي بعد دهشتگردن ان هنڌ تي هينڊ گرنيڊ اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال پهچايو ويو آهي. پوليس موجب ڄاڻايل واقعي ۾ لياري گينگ وار جا دهشتگرد ملوث آهن جنهن جو مقصد خوف پکيڙِڻ هو. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ڄاڻايل هينڊ گرنيڊ حملي جو نوٽيس وٺندي پوليس کان ڌار ڌار رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.