اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٽيڪس روينيو جي ٽارگيٽ ۾ 121 ارب رپين جي ڪمي باوجود ايف بي آر 3500 ارب رپين جو ٽارگيٽ اڃا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، ناڻي واري وزير پاران بورڊ کي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ھدايت، پيرائتي خبر مطابق ايف بي آر جي ھلندڙ مالي سال جي ٽيڪس اوڳاڙي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالھ ناڻي واري وزارت ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنھن ۾ وزير اعظم جي روينيو بابت خصوصي نمائندي ھارون اختر، ناڻي، اقتصادي مامرن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي آھي.اجلاس دوران ايف بي آر چيئرمين ھلندڙ مالي سال جي تازي ٽيڪس اوڳاڙي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آھن،جڏھن ته نئين مالي سال دوران ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آھي جيڪا جلد وفاقي وزير کي پيش ڪئي ويندي. وفاقي وزير ايف بي آر کي ھدايت ڪئي ته ٽيڪس اوڳاڙي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن،جڏھن ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سبب مالي سال 13 /20012ع کان 16 /2015ع تائين ٽيڪس روينيو اوڳاڙي ۾ 60 سيڪڙو واڌ آئي آھي.واضح رھي ته حڪومت ھلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس روينيو ٽارگيٽ 3621 ارب رپين تي نظرثاني ڪري ان ۾ 121 ارب رپين جي ڪمي ڪري 3500 ارب نظرثاني ٽارگيٽ مقرر ڪيو جيڪو ٽارگيٽ به اڃا حاصل ناھي ٿيو.