اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) ارسا ۾ چيئرمين طور ذميواريون نڀائيندڙ سنڌ ميمبر سيد مظھر علي شاھ 29 جون تي رٽائرڊ ٿي ويندو، سنڌ ميمبر جي رٽائرڊ مينٽ سان اٿارٽي ۾ 3 ميمبرن جو پوسٽون خالي ٿي وينديون، رپورٽن موجب حڪومت پاران ارسا ۾ سنڌ ميمبر طور  سيد مظھر علي شاهه جي ٽيون ڀيرو نامزدگي رد ڪرڻ سبب اٿارٽي جو موجوده چيئرمين ۽ صوبائي ميمبر 29 جون تي ٽن سالن جو ٻيو مدو مڪمل ٿيڻ بعد فارغ ٿي ويندو، واضح رھي ته وفاقي حڪومت سيد مظھر علي شاھ جي ٽيون ڀيرو سنڌ ميمبر طور نامزدگي سندس ڄمار وڌيڪ ھئڻ سبب رد ڪئي آھي، واضح رھي ته سيد مظھر علي شاھ 6 سال اٿارٽي ۾ صوبائي ميمبر رھيو آھي، سيد مظھر علي شاھه جي رٽائرمينٽ بعد ميمبرن جون 3 سيٽون خالي ٿي وينديون، ڪجھه مھينا اڳ ارسا ۾ پنجاب جو ميمبر رائو ارشاد علي رٽائرڊ ٿي ويو، جنھن جي جاءِ تي اڃا تائين نئون ميمبر مقرر ناھي ڪيو ويو، جڏھن ته اٿارٽي ۾ وفاقي ميمبر جي پوسٽ 2010ع کان خالي آھي، ان وقت سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ بشر ڏھر وفاقي ميمبر طور استعيفا ڏني ھئي، جنھن بعد وفاقي ميمبر پ پ حڪومت توڙي موجوده حڪومتي دور  ۾ نئين نامزدگي ناھي ٿي سگھي.