اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪلڀوشن ڪيس ۾ عالمي عدالت کي ٻڌڻي کان رڳو 2 مهينا اڳ پنهنجي جج جو نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خانگي چئنل موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن ڪيس جي باقاعده ٻڌڻي جي شروع ٿيڻ کان 2 مهينا اڳ انصاف جي عالمي عدالت ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪلڀوشن جي مامري ۾ اڳ ۾ ڀارت دعويٰ ڪندو ۽ پوءِ پاڪستان جوابي دعويٰ داخل ڪندو، ان پراسيس ۾ 6 مهينا يا ان کان وڌيڪ وقت گهربل هوندو، پاڪستان طئي ڪيو آهي ته هو انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي ايڊهاڪ جج جو نالو ڏيندو ۽ ان جي مقرري رڳو ٻڌڻي شروع ٿيڻ کان 2 مهينا اڳ ڪرائي ويندي، ان باري ۾ پاڪستان جي اٽارني جنرل اشتر اوصاف انصاف جي عالمي عدالت جي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ کيس آگاهه ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان بابت اٽارني جنرل اشتر اوصاف به تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ڪلڀوشن ڪيس جي ٻڌڻي کان ڪجهه مهينا اڳ ئي پنهنجو ايڊهاڪ جج لڳرائيندو.