اوول (اسپورٽس نيوز)پاڪستان اوول جي ميدان ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي، ڀارت کي بالنگ توڙي بيٽنگ ۾ آئوٽ ڪلاس ڪري بدترين شڪست ڏئي چيمپئنز ٽرافي کٽي ورتي آهي، سرفراز اليون شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڀارتي ٽيم جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، تفصيل موجب اوول ميدان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ چيمپئنز ٽرافي جي پڄاڻي پاڪستان جي عظيم الشان فتح سان ٿي، ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي پهريان ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني، پاڪستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 338 رنسون ٺاهي ڀارت کي ميچ کٽڻ لاءِ پهاڙ جيڏو هدف ڏنو، پاڪستاني اوپنرن اظهر علي ۽ فخر زمان زبردست ۽ طوفاني بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي اوپننگ ڀائيواري ۾ 128 رنسون ٺاهيون، اظهر علي شاندار 59 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، هن پنهنجي اننگز ۾ 6 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هنيو، ٻي وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ اوپنر فخر زمان ۽ بابراعظم 72 اسڪور ڪيو، ان دوران فخر زمان گرائونڊ جي چئني پاسن کان ڀارتي بالرن کي ڇڪا ۽ چوڪا هڻندو رهيو، فخر زمان پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سينچري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، هن 106 بالن تي 114 رنسون ٺاهيون، سندس بي مثال اننگز ۾ 3 خوبصورت ڇڪا ۽ 12 شاندار چوڪا شامل هئا، ٻين پاڪستاني بيٽسمينن ۾ بابراعظم 46، محمد حفيظ 57 ۽ عماد وسيم 25 رنسون ٺاهيون، پروفيسر محمد حفيظ جي 57 رنسن جي اننگز ۾ 3 شاندار ڇڪا ۽ 4 خوبصورت چوڪا شامل هئا، پاڪستاني بيٽسمينن فائنل جهڙي اهم ميچ ۾ ڀارتي بالرن کي مڪمل طور آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو، ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار، جديجا ۽ جاديو 2-2 وڪيٽون ورتيون، 339 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن ڀارتي ٽيم ميدان ۾ لٿي ته پهرين بال تي پاڪستاني بالرن جي طوفاني آغاز کين پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، ڀارت جي پهرين وڪيٽ پهرين اوور جي ٽيئن بال تي ان وقت ڪري جڏهن محمد عامر خوفناڪ ڀارت بيٽسمين روهت شرما کي ايل بي ڊبليو ڪري ڇڏيو، ان وقت ڀارت اڃا پنهنجو کاتو ئي نه کوليو هو، محمد عامر ميچ جي ٽئين ۽ پنهنجي اوور جي هڪ ٻئي ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي کي آئوٽ ڪري پويلين موڪلي ڇڏيو، ڪپتان ويرات ڪوهلي 5 رنسون ٺاهي عامر جي بال تي شاداب خان هٿان ڪيچ ٿي ويو، محمد عامر پنهنجي خطرناڪ اسپيل ذريعي ڀارتي بيٽنگ لائين جا بنياد اکيڙي ڇڏيا، هن ميچ جي اٺين اوور ۾ ڀارت جي ميچ وننگ بيٽسمين شيکر ڌون کي 21 رنسن تي آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڀارتي بيٽنگ لائين پاڪستاني بالرن جي خوف مان ٻاهر نڪري نه سگهي، اننگز جي وچ ۾ پانڊيا پاڪستاني بالرن کي کُلي کيڏڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿيو پر اهو به 76 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ٻين ڀارتي بيٽسمينن ۾ يووراج سنگهه 22، جديجا 15 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته ڌوني 4، جاديو 9، اشيون ۽ ڀمرا هڪ هڪ رنس ٺاهي سگهيا، اهڙي ريت سموري ڀارتي ٽيم 31هين اوور ۾ آئوٽ ٿي وئي، پاڪستانن چيمپئنز ٽرافي جو فائنل 180 رنسن تان کٽي ورتو، پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ حسن علي 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاداب خان 2 ۽ جنيد خان هڪ وڪيٽ ورتي، 180 رنسن تان شاندار فتح کانپوءِ ڪپتان سرفراز احمد کي چيمپئنز ٽرافي ڏني وئي، جڏهن ته نوجوان بيٽسمين فخرالزمان کي 114 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.