ڪراچي(بيورو رپورٽ)اينٽي ڪرپشن کاتي پاران سنڌ جي آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم ۾ هڪ ارب 45 ڪروڙن جي ٿيل فراڊ واري ڪيس جو چالان اڄ پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ وڌيڪ 29 ڊيلرن، ويري فڪيشن ڪندڙ زراعت کاتي جي 40 ڪامورن، ٽريڪٽر حاصل ڪندڙ آبادگارن سميت 136 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويندو، جنهن بعد چالان ۾ نامزد جوابدارن جو انگ وڌي 140 ٿي ويندو، هن وقت داخل ايف آءِ آر ۾ زراعت کاتي جا 3 ڊائريڪٽر آغا عبدالقادر، عطاءُالرحمان مري ۽ شڪيل شيخ توڙي ٽريڪٽر ڪمپني جو سي اي او شهزاد علي نامزد ٿيل آهن، جن مان 3 ڪامورن اڳ ۾ ئي ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن، ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر عثمان غني صديقي ٻڌايو ته ٽريڪٽر اسڪينڊل جي چالان ۾ 40 ڪامورن ۽ 29 ڊيلرن سميت 140 ڄڻن کي شامل ڪيو پيو وڃي، ملندڙ ثابتين آڌار فراڊين جو انگ وڌي 500 کان 600 تي پهچي سگهي ٿو.