اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اٽارني جنرل اشتر اوصاف پاڪستان ۾ ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ خلاف يورپي يونين جي ٺهراءَ تي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي، هڪ خانگي چئنل سان ڳالهائيندي اٽارني جنرل چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ سرحد پار دهشتگردي سبب شديد متاثر آهي، پر ان باوجود انساني حقن بابت حڪمت عملي تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي، عالمي برادري ۾ ڀارت طرفان پاڪستان جي موقف بابت غلط معلومات پکيڙي پئي وڃي، اشتر اوصاف چيو ته يورپي يونين سميت سمورن ملڪن کي موت جي سزا واري پاڪستاني قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي.