اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد نواز شريف خانگي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي، خابرو اداري موجب وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي خاندان سعودي عرب وڃڻ لاءِ عام مسافر جهاز ۾ سفر ڪيو، پنهنجي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف عمري جي ادائگي سان گڏوگڏ مديني ۾ رسول ڪريم صه جي روضي مبارڪ تي به حاضري ڀريندو ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون گهرندو.