اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) وفاقي حڪومت ھلندڙ مالي سال دوران آر بي او ڊي جي مختلف سيڪشنن ۽ پاڪستان انڊس واٽرز ڪميشن آفيس جي اھليت وڌائڻ لاءِ مختص ڪيل 4 ارب 85 ڪروڙ رپيا فنڊ ٻين منصوبن ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيا، اھڙو انڪشاف رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت پاران 16 جون تي جاري ڪيل ھڪ خط ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي سفارش تي آر بي او ڊي ون، ٽو ۽ ٿري سميت پاڪستان ڪمشنر فار انڊس واٽرز آفيس جي اھليت وڌائڻ لاءِ ھلندڙ مالي سال 17/2016ع لاءِ مختص فنڊ ٻين منصوبن ڏانھن  منتقل ڪيا ويا آھن، رٿابندي وزارت جي ڪاوش وٽ موجود ليٽر مطابق آر بي او ڊي وٽ جيڪو نارا ڊزرٽ گھوٽڪي کان سکر واري سيڪشن تي ٻڌل منصوبو آھي، لاءِ مختص ڪيل ھڪ ارب 30 ڪروڙ، سيوھڻ کان ٺٽي تائين واري آر بي او ڊي سيڪشن ٽو لاءِ مختص 2 ارب، جڏھن ته بلوچستان کان سنڌ تائين واري سيڪشن آر بي او ڊي ٿري لاءِ مختص ھڪ ارب 50 ڪروڙ ۽ پاڪستان ڪمشنر فار انڊس واٽرس جي فني اھليت وڌائڻ لاءِ مختص ڪيل 5 ڪروڙ رپين جا ترقياتي فنڊ 5 منصوبن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ منتقل ڪيا ويا آھن، انهن رٿائن ۾  گوادر ضلعي جي تعلقي اور ماڙه ۾ بسول ڊيم منصوبي لاءِ 60 ڪروڙ، ڪڇي ڪئنال فيز ون منصوبي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ، سنڌ ۾ مائينرز ۽ ڊسٽريبيوٽريز جي لائننگ لاءِ 80 ڪروڙ، ڪي پي ڪي ۾ آبپاشي نظام جي بحالي لاءِ 5 ڪروڙ ۽ ڪوٽ ادو ۾ مظفر ڳڙھ ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنالن جي سم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آھن، واضح رھي ته سپريم ڪورٽ ڪجهه عرصو اڳ منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي آر بي او ڊي فيز ٽو جلد مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي پر ڌرين ۾ منصوبي جي لاڳت جو حصو ڀرڻ جي حوالي سان جاري تڪراري سبب ڪا اڳڀرائي ناھي ٿي، اٽڪل 63 ارب رپين جي لاڳت تائين پھچندڙ آر بي او ڊي فيز 2 منصوبي تي ايندڙ خرچ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جو موقف آھي ته سنڌ حڪومت 14 ارب رپيا حصو فراھم ڪري، جڏھن ته سنڌ حڪومت جو موقف آھي ته منصوبي تي سمورو خرچ وفاق برداشت ڪري، ذريعن مطابق آر بي او ڊي ون سيڪشن جيڪو گھوٽڪي ۽ سکر واري علائقن تي ٻڌل آھي، ان جو اٽڪل 90 سيڪڙو جڏھن بلوچستان کان سنڌ واري سيڪشن آر بي او ڊي ٿري تي به اٽڪل 95 سيڪڙو ڪم مڪمل آھي پر سيڪشن 2 تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب ڄاڻايل ٻئي سيڪشن ناڪاره بڻيل آھن، جن جي نظرداري ۽ ڪم ڪندڙن ملازمن جي پگھارن تي ھر مھيني لکين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن.