اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڪروڙين ۽ اربين رپين جا اثاثا رکندڙ ڪيترائي چونڊيل ميمبر قرضي هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران ميمبرن جي 2016ع جي جاري ڪيل اثاثن موجب وفاقي وزير خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي، اسپيڪر سردار اياز صادق، شيخ آفتاب، شيخ رشيد، مرتضيٰ جتوئي، ناصر شاهه، محمد بخش مهر، غوث بخش مهر، شهريار مهر، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا ميمبر قرضي ظاهر ٿيا آهن، تفصيلن موجب سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه زرعي ترقياتي بئنڪ جو 3 لک 90 هزار رپين ۽ سردار محمد بخش مهر 3 ڪروڙ 51 لک 25 هزار 507 رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي، شڪارپور مان چونڊيل شهريار مهر تي مجموعي طور تي 13 ڪروڙ 5 لک 34 هزارن جو قرض آهي، جنهن ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جو 7 لک 79 هزار 295 رپيا، گلشن رحمان رهائشي پراجيڪٽ تي 6 ڪروڙ 42 لک 95 هزار 977 رپيا، جڏهن ته لڪي پراجيڪٽ تي 6 ڪروڙ 54 لک 56 هزار قرض شامل آهي، نوابشاهه مان چونڊيل سليم رضا 8 لک 63 هزار 688 رپيا، خيرپور مان چونڊيل ايم پي اي نعيم کرل 88 لک 53 هزار 710، خورشيد احمد جوڻيجو 12 لک 39 هزار 910، شرجيل انعام ميمڻ 3 ڪروڙ 44 لک 61 هزار 774 رپين، ٽنڊي الهيار مان چونڊيل سيد ضياءُ عباس شاهه 6 لک 90 هزار 150 رپيا، مير الله بخش ٽالپر هڪ ڪروڙ 70 لک، اسماعيل راهو 17 لک 12 هزار، ڪي اين شاهه مان چونڊيل عبدالعزيز جوڻيجو 19 لک 99 هزار رپيا، سانگهڙ مان چونڊيل سعيد خان نظاماڻي 19 لک 99 هزار، ڄام مدد علي خان 51 لک، فياض ڏيرو 4 لک 40 هزار، سيد امير حيدر شاهه شيرازي 7 لک 30 هزار، اويس مظفر تي پاڪستان ۾ 84 لک ۽ يو اي اي ۾ 83 لک 33 هزار 110 اي اي ڊي جو قرضي آهي، ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد تي 5 لک 63 هزار ۽ شفيع محمد ڄاموٽ تي 6 لک رپيا قرض آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ سنڌ مان چونڊيل ميمبرن مان غوث بخش مهر تي 7 لک 38 هزار 537، فريال ٽالپر 60 لک، احسان الرحمان مزاري 17 لک 50 هزار، غلام مرتضيٰ خان جتوئي تي 72 لک 48 هزار 979، ڊاڪٽر عذرا فضل پنهنجي مڙس ڏانهن ڪريڊٽ ڪارڊن جو 6 لک 82 هزار، ڪمال چانگ 35 لک ۽ اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي ۽ مڙس جي اثاثن ۾ 5 ڪروڙن جو قرض ظاهر ڪيو آهي، فقير شير محمد بلالاڻي 5 لک، ملڪ اسد سڪندر 50 لک، عمران ظفر لغاري 5 لک 37 هزار 750 رپيا، اياز شاهه شيرازي 5 لک، خواجا سهيل منصور 9 ڪروڙ 44 لک 65 هزار، عبدالوسيم هڪ لک 84 هزار، فاروق ستار 13 لک، مولانا امير الزمان 4 لک 80 هزار، زيب جعفر 4 لک 14 هزار، شهزادي عمر زادي ٽوانا 17 لک، تهمينه دولتانا 4 لک 52 هزار، شيرين مزاري 20 لک 56 هزار 307، طاهره بخاري 4 لک، ڀاون داس 2 لک، اسفند يار ڀنڊارا 15 ڪروڙ 24 لک، وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي 3 ڪروڙ، غلام سرور خان 4 لک 98 هزار، ملڪ ابرار احمد 33 لک، شيخ رشيد 28 لک، شيخ آفتاب 29 لک، عبدالمجيد خان 29 لک، چوڌري عابد نظير 2 ڪروڙ 47 لک، قيصر احمد شيخ 94 لک 75 هزار، صاحبزاده محمد نظير سلطان 5 لک، نجف عباس سيال 8 لک 90 هزار، چوڌري خالد جاويد 25 لک 42 هزار، ميان طارق محمود 3 ڪروڙ، جعفر اقبال 12، ناصر اقبال 5 لک، خواجا آصف 7 ڪروڙ 71 لک، اسپيڪر سردار اياز صادق 24 لک، شيخ روحيل اصغر 15 لک 65 هزار، لبنيٰ روحيل اصغر 14 لک 58 هزار، خواجا سعد رفيق 43 ڪروڙ 40 لک، رانا افضال 4 لک 9 هزار، راڻا تنوير حسين 5 لک 88 هزار، بلاول ورڪ 45 لک، رانا محمد اسحاق خان هڪ ڪروڙ، ميان معين وٽو هڪ ڪروڙ 93 لک، راڻا محمد قاسم نون 80 لک ۽ سردار جعفر لغاري 81 لک جو قرضي آهي، اهڙي طرح راحيلا مگسي پاڪستان جي هڪ نجي بئنڪ جي لنڊن برانچ جي هڪ ڪروڙ 3 لک 80 هزار رپين جي قرضي نڪتي آهي، عبدالقيوم 17 لک 41 هزار رپين ۽ (ن) ليگ جي نزهت صادق هڪ ڪروڙ 70 لک 38 هزارن جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ 6 لک 14 هزار، ايم ڪيو ايم سينيٽر خوش بخت شجاعت 14 لک 40 هزار، پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪريڊٽ ڪارڊن جي مد ۾ 3 لک 51 هزار رپين جو پاڻ تي قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي شيري رحمان دبئي اپارٽمينٽ تي ورتل 6 ڪروڙ 67 لک جو قرض ظاهر ڪيو آهي، رحمان ملڪ پاڻ مٿان 11 لک پائونڊ جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڏانهن قسطن تي ورتل ڪار جي مد ۾ 2 لک 90 هزار، پ پ جو سعيد غني سنڌ بئنڪ جو 11 لک 47 هزار رپين جو پاڻ کي قرضي ظاهر ڪيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي ٻن گهرن جي وڪري جي مد ۾ ايڊوانس ورتل 6 ڪروڙ 50 لک رپيا قرض طور ظاهر ڪيا آهن، ايم ڪيو ايم جي سينيٽر محمد علي سيف پاڻ مٿان هڪ ڪروڙ 21 لک رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پ پ جي تاج حيدر مٿان هڪ لک 80 هزار، ايم ڪيو ايم جي فروغ نسيم پنهنجي اثاثن ۾ 54 لک 46 هزار جو قرض ظاهر ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر شبلي فراز ڪل 4 ڪروڙ 56 لک 43 هزار 670 رپين جو قرضي آهي، ان مٿان خيبر بئنڪ جو هڪ ڪروڙ 99 لک 12 هزار 670 رپيا قرض، جڏهن ته شبلي فراز پنهنجي امڙ، ڀاءُ ۽ گهرواري جو به پاڻ کي قرضي ظاهر ڪيو آهي، شبلي فراز پاڻ کي پنهنجي ماءُ جو 41 لک 50 هزار، ڀاءُ جو هڪ ڪروڙ 4 لک 6 هزار، گهرواريءَ جو هڪ ڪروڙ 10 لک ۽ عثمان نالي شخص جو هڪ لک 75 هزار رپين جو قرضي ظاهر ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سينيٽر محسن عزيز مٿان 4 لک 65 هزار، (ن) ليگ جي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ صلاح الدين ترمزي مٿان 53 هزار 333 رپيا، جي يو آءِ سينيٽر طلحه محمود 6 ڪروڙ 90 هزار ۽ پي ٽي آءِ جي ارب پتي سينيٽر اعظم سواتي پاڻ مٿان 51 ڪروڙ 68 لک 13 هزار رپين جو قرض ظاهر ڪيو آهي.