اسلام آباد: ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرن اثاثن ۾ هٿيار به ظاهر ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن پاران 2016ع جي جاري ڪيل اثاثن موجب آفتاب شعبان ميراڻي وٽ 1954ع ۾ خريد ڪيل پستول ۽ حڪومت پاران 1960ع ۾ تحفي ۾ ڏنل بندوق به آهي، غوث بخش مهر ۽ نظير ٻگهئي وٽ 5-5 لک رپين جي ماليت جا هٿيار آهن، فريال ٽالپر وٽ 2 لک 80 هزار، شبير بجاراڻي وٽ 5 لک ماليت جا 12 هٿيار آهن، غلام مرتضيٰ جتوئي وٽ 25 لک رپين جا هٿيار، غلام مصطفيٰ شاهه وٽ 8 لک 40 هزار، سيد امير علي شاهه ڄاموٽ وٽ هڪ لک، فهميده مرزا وٽ 9 لک، ملڪ اسد سڪندر وٽ 10 لک ماليت جون رائيفل، پستول ۽ بندوقون آهن، رفيق جمالي وٽ 7.6 رائيفل، 4.3 رائيفل، 9 ايم ايم پستول، شاٽگن، 17 ايم ايم جي رائيفل، ڪلاشنڪوف، ايم پي 5 سميت 8 –2015ع ۽ 2016ع ۾ هٿيارن کانسواءِ آهن، اياز علي شيرازي وٽ 3 لک 60 هزار رائيفل، پستول ۽ بندوقون آهن، سردار محمد بخش مهر وٽ 37 هٿيار، جن ۾ 2 ريوالور، 3 پستول، 11 رائيفلون ۽ 21 بندوقون شامل آهن، جن جي قيمت 10 لک آهي، آغا سراج دراني وٽ 15 لک رپين جا هٿيار آهن، سهراب سرڪي وٽ 2 لک، مير هزار خان بجاراڻي وٽ 17 مختلف هٿيار آهن، حاجي عبدالرئوف کوسي وٽ ساڍن 3 لکن جا هٿيار آهن، ضياءَ الحسن 12 لک، سهيل انور سيال وٽ 8 لک 90 هزار، محمد علي ڀٽو هڪ لک 59 هزار، نادر مگسي 18 لک، سردار خان چانڊيو وٽ 29 لک 60 هزار، حسنين مرزا وٽ 8 لک جا هٿيار آهن.