لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، 9 ڄڻا زخمي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڪالهه لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ نور خان جتوئي ۽ ڳوٺ پيربخش جتوئي جي رهواسي جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ شاخ مان مٽي کڻڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان سڌي فائرنگ ڪئي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ نورخان جتوئي جا رهواسي ولي محمد جتوئي، شفيع محمد جتوئي، آصف علي، دائود علي، عاقب، ارشاد، حاجي پيربخش، عابد علي، خالد ۽ 12 سالن جي نينگر معظم جتوئي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي چانڊڪا سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو جتي 25 سالن جو دائود جتوئي زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو. عاقل ايٽ پيرشير ٿاڻي جي پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن زخمين سان گڏ آيل احمد خان جتوئي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ڀرسان دادو ڪئنال مان نڪرندڙ شاخ مان مٽي کڻڻ جي ڳالهه تان ڳوٺ پيربخش جتوئي جي رهواسين بيگناهه حملو ڪيو، پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، هوڏانهن عاقل ايٽ پيرشير ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن واقعي کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.