پيرجوڳوٺ(رپورٽ: خادم جوڻيجو)پيرڳوٺ ڀرسان ڪارنهن جي الزام ۾ نوجوان بيدردي سان قتل، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، وارثن جو ڌرڻو، رپورٽ موجب پيرڳوٺ ويجهو ڳوٺ ڇتن شاهه ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هڻي نوجوان ٽريڪٽر ڊرائيور صوبل خان ککراڻي جيڪو ٽريڪٽر هلائي رهيو هو ته جوابدارن فائرنگ ڪري کيس انتهائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پيرڳوٺ پوليس پهتي ان کان اڳ ۾ مقتول صوبل خان ککراڻي جي وارثن لاش سميت ڳوٺ ڇتن شاهه ٻاهران مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي يعقوب ککراڻي ۽ ٻين چيو ته ٽوهه جاگيراڻي ۽ ٻين بي گناهه اسان جي نوجوان کي قتل ڪري اسان سان ناحق ڪيو آهي، ٻئي طرف پيرڳوٺ پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پيرڳوٺ اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته پيرڳوٺ پوليس دريا خان عرف ٽوهه جاگيراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ گرفتار جوابدار ٽوهه جاگيراڻي پوليس وٽ ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته غيرت ۾ اچي پنهنجي ڀاڻيجي غفور جاگيراڻي جي زال سان ڪارو ڪري قتل ڪيو آهي ۽ قتل تي ڪوبه پڇتاءُ ناهي جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙيل رهيو.