اسلام آباد (آن لائن) نيب اختيارين پ پ دور ۾ وفاقي وزير ۽ صلاحڪار رهندڙ زال مڙس ارباب عالمگير ۽ سندس زال عاصمه عالمگير جي اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت هٿ اچڻ بعد انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب ذريعن موجب ڄاڻايل جوڙي پشاور ۾ ڪيترا پلازه تعمير ڪرايا، اسلام آباد سميت ڏيهي ۽ پرڏيهي بئنڪن ۾ سندن اڪائونٽس ظاهر ٿيا آهن، پرڏيهه ۾ به سندن ملڪيت ظاهر ٿي آهي، واضح رهي بااثر جوڙي اڳواٽ ضمانت ڪرائي ورتي آهي.