لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڀارت خلاف فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سموري ٽيم تعريف لائق آهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستاني ٽيم مجموعي طور بهترين راند پيش ڪئي، هڪ وڏي مقابلي ۾ جونيئر رانديگرن سان پاڪستاني ٽيم پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي، بولرز سان گڏ بيٽسمينن به ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪيو، دعاگو آهيان ته ڪاميابي پاڪستاني ٽيم جا قدم چميندي رهي، ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف قومي ٽيم کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته روايتي حريف ڀارت کي هارائي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ جوڙي آهي، هن چيو ته نوجوان فخرالزمان فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت ۽ ٻين سياستدانن به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.