ڊيرا اسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ۽ پاڪ فوج جي گڏيل ڪومبنگ اينڊ ٽارگيٽيڊ سرچ آپريشن ۾ 10 سهولتڪارن سميت 60 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، خانگي چئنل موجب شڪي ماڻهن جي چرپر جي اطلاع تي ڊي پي او ڊيرا اسماعيل خان عبدالصبور خان پاڪ آرمي سان گڏ گومل يونيورسٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڪومبنگ سرچ آپريشن دوران 250 گهرن جي تلاشي ورتي، ان دوران 10 سهولتڪارن سميت 60 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.