اوول (اسپورٽس ڊيسڪ)پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر حسن علي کي سموري ٽورنامينٽ ۾ شاندار بالنگ ڪارڪردگي سبب ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، حسن علي ٽورنامينٽ ۾ 13 وڪيٽون وٺي سڀ کان پهريون بالر بڻجي ويو، حسن علي کي گولڊن بال ايوارڊ ڏنو ويو، حسن علي ٽيم جي شاندار فتح تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مون تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، مون کي پنهنجي ڪارڪردگي تي ڀرپور يقين هو.