ڪراچي (بيورو رپورٽ)پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئن ٽرافي کٽڻ تي زبردست شاباش ۽ مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڀارت کي چيمپئن شپ ٽرافي جي فائنل ۾ شڪست ڏئي پاڪستاني ٽيم قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن پوري ٽيم، ڪپتان سرفراز، فخر زمان ۽ محمد عامر کي دلي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي،اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستاني جهنڊو لڳائي ڇڏيو آهي، آصفه لکيو ته ڀارت خالف ميچ دوران پاڪستان ڇائنجي ويو.