ڊايانا ايليز ائگرون، امريڪن اداڪاره، ڳائڻي ۽ رقاصه آهي، جنهن 30 اپريل 1986ع تي سوانا جارجيا امريڪا ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ رونلڊ ائگرون هڪ مشهور هوٽل جو جنرل مئنيجر هيو، جڏهن ته ماءُ ميري بارنيس گهريلو خاتون هئي. پيءَ جي هوٽلن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري سندس پرورش مختلف هوٽلن ۾ حياتي گذاريندي ٿي. سال 2006ع کان هُن پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ شهرتن جا ڏاڪا لتاڙڻ شروع ڪيائين. هُن هيل تائين 14 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته سندس 28 کان مٿي ميوزيڪل آلبمس سامهون اچي چڪا آهن. هُوءَ هيل تائين پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي مختلف ايوارڊن لاءِ 32 نامزدگيون حاصل ڪري چڪي آهي، جن مان 6 ايوارڊ هُن جي ڀاڳ جو حصو بڻيا آهن.