خيرپور/نوري آباد (نمائندن وٽان)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي ادارن کي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن هنن اهڙيون حرڪتون بند نه ڪيون ته کين سنڌ مان نيڪالي ڏئي ڇڏينداسين، نوري آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان قسم جون حرڪتون برداشت نه ڪنداسين، اهو به خبردار ڪري رهيو آهيان ته ان طريقي سان ادارن پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون ۽ چاهي اهي فيڊرل ادارا هجن يا ٻيا، اسان انهن کي هتي رهڻ نه ڏينداسين، انهن ادارن کي چونداسين ته پنهنجو بسترو ويڙهيو ۽ هتان هليا وڃو، نوري آباد ۾ تعمير ٿيندڙ پاور پلانٽ جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وڏن ڪرپشن ڪيسن ۾ نيب کي گهربل ۽ عدالتن تي حملو ڪرڻ وارا آزادي سان گهمي رهيا آهن، پر بدقسمتي سان رڳو پ پ وارن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، پ پ وارن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر پ پ هميشه ڪيسن کي منهن ڏئي اعليٰ عدليا جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هن متحده جي دوستن کي ڪيترائي ڀيرا صلاح ڏني آهي ته اهي فاروق ستار کي چون ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ڇڏي ۽ کيس اميد آهي ته فاروق ستار تمام جلد ضمانت ڪرائي وٺندو، وزيراعظم نوازشريف جي سنڌ جي لاڳيتي دوري بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شڪر آهي ته حڪومت جي آخري سال ۾ وزيراعظم کي سنڌ جي ياد آئي آهي ۽ اهو ڪيترو نه سٺو ٿئي ها ته هو سنڌ جي دوري دوران ترقياتي منصوبن جي شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪري ها، مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن وفاقي ادارا سياسي بنيادن تي ڪارروايون ڪندا ته اهي پنهنجو بسترو کڻي هليا وڃن ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ سندن ڪابه جاءِ نه آهي، شرجيل کي بچائڻو هجي ها ته ان کي ڪراچي اچڻ لاءِ چوان ها، اسان عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، شرجيل انعام ميمڻ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ عدالتي حڪم تي ڏيھ واپس آيو آهي. فاروق ستار ۽ شرجيل انعام ميمڻ جي ڪيس ۾ فرق آهي، هن وڌيڪ چيو ته  نوري آباد هن منصوبي ۾ 49 سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ 51 سيڪڙو خانگي ڪمپني جي سيڙپ آهي، قدرتي گئس مان 100 ميگا واٽ بجلي تيار ڪئي ويندي، هن منصوبي مان تيار ٿيندڙ بجلي 9 رپيا في يونٽ پوندي ۽ هي منصوبو پنهنجي نويت جو انفرادي منصوبو آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي صوبي وٽ ناهي فقط سنڌ صوبي وٽ ئي آهي، بجلي جي پيداوار لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پرائيوٽ ڪمپني پاران بجلي گهر قائم ڪيو ويو آهي، هن پراجيڪٽ ۾ واپڊا ۽ ٻين وفاقي ادارن رڪاوٽون وڌيون پر اسان انهي منصوبي کي مڪمل ڪري ورتو آهي، اپريل جي پهرين هفتي ۾ بجلي پيداوار ٿيندي، ان کان اڳ خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آدمشماريءَ بابت شڪايتن ۽ اعتراضن جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت کي ڪو مڪينزم جوڙڻ گهرجي، جنهن طريقي سان آدمشماري ٿي رهي آهي، تنهن کي آخر ۾ ڪابه ڌر قبول ڪونه ڪندي، هر بلاڪ جي ڪُل آبادي، مردن ۽ عورتن جي تعداد بابت معلومات حڪومت ڇا پر هر عام ماڻهوءَ لاءِ ويب سائيٽ تي رکڻ گهرجي، ته جيئن آدمشماري وارو عمل صاف ۽ شفاف يقيني بڻجي سگهي، خبر ناهي ڇو آدمشماري واري عمل کي تمام ڳجهو ۽ لڪ ڇپ ۾ رکيو ويو آهي، اسين سنڌ جي اعتراضن بابت آدمشماري بابت انچارج وزير ۽ وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جيلاني هائوس خيرپور ۾ اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ سينسز آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته اُهي هر بلاڪ جي سمري انفارميشن ٺاهي اعتراضن ۽ شڪايتن لاءِ پڌري ڪن ۽ اُنهن انگن اکرن بابت ڪو ماڻهو شڪايت يا اعتراض ڪري ته اهي ٻڌڻ لاءِ ڪو هجي ۽ انهن جو ازالو ڪيو وڃي، ان سان صاف شفاف آدمشماري ٿي سگهندي ۽ ماڻهن جو ان تي اعتماد ٿي سگهندو، جيڪڏهن ماڻهن کي آدمشماري واري عمل تي بي اعتمادي هوندي ته پوءِ ان کي ڪير به قبول نه ڪندو. هن چيو ته جنهن طريقي سان هينئر آدمشماري ٿي رهي آهي، ان کي آخر ۾ ڪابه ڌر يا اسٽيڪ هولڊر قبول نه ڪندي سڀ ڪو چوندو ته اهو غلط ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن جي جاگير ناهي هيءَ ماڻهن جي پارٽي آهي ۽ ان ۾ خدمت ڪرڻ وارن کي هميشه ڀليڪار چيو ويندو ۽ جيستائين وٽن عوامي خدمت جو جذبو هوندو پارٽيءَ ۾ رهندا، پارٽي قيادت جو جيڪو به فيصلو هوندو، اهو سڀني کي قبول هوندو. شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته شرجيل ميمڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران مليل ضمانت تحت پاڪستان آيو ۽ عدالت جو حڪم هو ته هو 20 مارچ تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو ۽ ان کان اڳ کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، اسين قانون کان مٿانهين ڪا به شيءِ نه ڪنداسين،  هوڏانهن پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري نواز ليگ سرڪار جي انتقامي ڪارروائي آهي. نيب ۽ ايف آءِ اي رڳو پ پ اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيب ۾ ته نواز شريف کان وٺي ميان منشا تائين مختلف ماڻهن خلاف ريفرنس داخل آهن پر نيب ۽ ايف آءِ اي رڳو پ پ اڳواڻن کي نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته نواز ليگ نيشنل ايڪشن پلان جيان نيب کي به ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، تنهن ڪري قومي احتساب بيورو جو نالو تبديل ڪري سنڌ انتقام بيورو نالو رکيو وڃي، جڏهن ته سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته نيب جو رخ پنجاب ڏانهن ناهي، رڳو سنڌ کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، پنجاب ۽ سنڌ لاءِ الڳ الڳ قانون آهي.