لاهور: آبادگارن ۽ هارين جي مختلف تنظيمن سنڌ طاس معاهدي هيٺ اڄ کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ شروع ٿيندڙ ڳالهين جي موقعي تي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ لاهور ۾ ”ڀارت جي آبي جارحيت“ جي سري هيٺ ٿيل قومي ڪسان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مختلف هاري اڳواڻن چيو ته ڀارتي اڳرائين کي برداشت نه ڪبو، اسان پاڪستان کي رڻ پٽ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين، ضرورت پوڻ تي روڊن تي اچي احتجاج ڪنداسين.