اسلام آباد: نيب اختيارين اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي 3 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو، شرجيل ميمڻ جو سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو، ان ڏس ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو 2 وڳي نيب عملدارن اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي لهڻ شرط گرفتار ڪري ورتو، نيب اهلڪارن شرجيل کان 3 ڪلاڪن تائين ان کان پڇا ڳاڇا ڪئي، شرجيل ميمڻ جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ٿيل هجڻ ڪري نيب اختيارين دستاويز چيڪ ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو، شرجيل ميمڻ آزادي بعد سنڌ هائوس پهچي سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه سان رابطو ڪيو ۽ کيس تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن بعد هن ڪالهه شام جو پ پ جي سينيٽر اسلام الدين شيخ جي اسلام آباد واري رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪئي، شرجيل ميمڻ اڄ سومر تي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو، ٻئي طرف نيب ذريعن موجب نيب پاران پنهنجي وڪيل معرفت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي شرجيل ميمڻ جي ضمانت منظور نه ڪرڻ جي استدعا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عدالت پاران ضمانت رد ڪرڻ جي صورت ۾ نيب پاران شرجيل ميمڻ کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو ته نيب اختيارين شرجيل ميمڻ خلاف هڪ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، شرجيل ميمڻ به ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران اهڙي ريفرنس جو اشارن ۾ ذڪر ڪيو پر اهو ريفرنس ڪهڙن الزامن تي ٻڌل هوندو؟ بابت هن ڪجهه واضح نه ڪيو.