اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مملڪتي وزير ۽ (ن) ليگ جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ جي ڏيهه واپسي تي گرفتاري ۽ آزادي واري مامري تي ڳالهائيندي چيو آهي ته نيب قانون موجب ڪم پيو ڪري، ڇا نيب شرجيل انعام ميمڻ جي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار وجهي ها؟ شرجيل ڪرپشن ڪيسن ۾ گهربل آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته نيب جو پنجاب بابت تاثر غلط فهمي تي ٻڌل آهي، پنجاب جي ماڻهن تي سڀني کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن.