ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وزارت سڄي ملڪ ۾ اميگريشن واري شعبي کان ويزائن ۾ واڌ جو اختيار واپس وٺي ڇڏيو آهي، چيو وڃيٿو ته اميگريشن واري شعبي پاران ڏوڪڙن عيوض پرڏيهين جي ويزائن ۾ واڌ ڪرڻ جون شڪايتون سامهون اچڻ بعد اهڙو قدم کنيو ويو آهي، هڪ خانگي ٽي وي موجب وفاقي وزير چوڌري نثار ڪراچي جي 2 اميگريشن عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، واضح رهي ته ٻئي عملدار اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل آهن.