پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جو سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام، جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، خانگي چئنل موجب خيبر ايجنسي ۾ سرحد پار کان دهشتگردن سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري ڏنو پر فورسز فوري ڪارروائي ڪندي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز پاران جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا، هوڏانهن خيبر ايجنسي جي جمرود تعلقي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري خاصه دار اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.