ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهديٰصديقي چيو آهي ته سنڌ ۾ صاف ۽ شفاف آدمشماري لاءِ سمورين ڌرين جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه هتي صوبائي آفيس ۾ سڄي سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت جا ڪارڪن آدمشماري ۾ حصو وٺن، ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪو فرد يا گهراڻو ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.