واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دنيا جي وڏين معيشت وارن ملڪن آمريڪا طرفان مخالفت کانپوءِ پروٽيڪشنسٽ تجارتي پاليسين خلاف ڪم ڪرڻ وارو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جي-20 وزيرن ٻن ڏينهن جي ملاقات دوران تنظيم طرفان ماضي ۾ اهم پاليسي فري ٽريڊ کي هٿي ڏيڻ جي تجديد نه ڪئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب جي-20 اجلاس کانپوءِ آمريڪي خزاني واري وزير اسٽونيوچن چيو ته هو آمريڪا طرفان جي-20 خط جا لفظ تبديل ڪرڻ جي خواهش تي وڌيڪ غور نه پيا ڪن، ڇو ته انهن ۾ اڳ ئي چيو وڃي ٿو ته اهو هاڻي غير ضروري آهي، واضح طور چئي چڪا آهيون ته آمريڪا فري تجارت ۾ يقين رکي ٿو، فرانس جي خزاني واري وزير چيو ته انهن ٻنهي پاليسين کي خط مان ڪڍڻ تي ڏک پهتو.