سيوهڻ (ن ڪ) درگاهه قلندر جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل پانڌيئڙن جو چاليهو اڄ ٿيندو، خبر موجب پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل پاران اڄ سيوهڻ شريف ۾ درگاهه حضرت قلندر لعل شهباز تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جو چاليهو ملهايو ويندو، شهيدن جي چاليهي جي تقريب قلندر لعل شهباز جي سجاد نشين ڊاڪٽر سيد مهندي رضا شاهه جي ميزباني هيٺ درگاهه قلندر ڀرسان منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ قرآن خواني پڻ ٿيندي ۽ خيراتي ماني پڻ تقسيم ڪئي ويندي. چاليهي جي تقريب ۾ درگاهه ڀٽائي جو سجاده نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي، درگاهه سچل سرمست جو سجاده نشين پير خواجا ميان عبدالحق فاروقي، درگاهه پير سرهندي جو سجاده نشين پير غلام مجدد سرهندي، درگاهه پير ذاڪري جو سجاده نشين پير سيد منير حسين شاهه، درگاهه ويهڙ شريف جو سجاده نشين پير شفيق احمد اشرفي، پير آف راڻيپور پير سيد فرزند علي شاهه جيلاني، درگاهه صدرالدين بادشاهه سکر جو سيد اياز حسين شاهه، درگاهه ڄام ڏاتار جو فقير نويد حسين وسطڙو، فقير علي اڪبر قادري ۽ مختلف درگاهن جا گادي نشين شرڪت ڪري شهيدن جي چاليهي جي تقريب کي خطاب ڪندا.