اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل رات نيب مون کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو، نيب رڳو سنڌ صوبي ۽ پ پ خلاف ڪاررواين لاءِ آهي، ميگا اسڪينڊلن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ راڻا مشهود جا نالا آهن، انهن جا نالا اي سي ايل ۾ ڇو داخل نه ڪيا ويا؟ ڪيسن کي منهن ڏيندس، ڀڄڻ وارو ناهيان، ڇنڇر ۽ آچر جي رات اسلام آباد پهچڻ تي گرفتاري بعد آزاد ٿيڻ تي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، امداد پتافي، مڪيش چاولا ۽ نعمان اسلام شيخ سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته آگسٽ 2015ع تي ڊاڪٽرن جي مشوري سان ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ ويس، مون ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان اجازت ورتي هئي، هن چيو ته اي سي ايل ۾ نالو شامل ٿيڻ بعد مون کي ڪڏهن ڪو نوٽيس نه مليو، آڪٽوبر 2016ع ۾ نيب مون خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد آڪٽوبر 2016ع ۾ ئي ضمانت جي درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڏني، جيڪڏهن مون کي ملڪ نه اچڻو هجي ها ته ضمانت نه حاصل ڪريان ها، انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ هجڻ دوران هڪ ٽي وي چئنل خبر ڏني ته منهنجي گهران 2 ارب رپيا هٿ آيا آهن، مون دبئي کان ڪراچي اچي انهيءَ ٽي وي چئنل کي قانوني نوٽيس ڏياريو، پيمرا کي به ڪارروائي لاءِ لکيو، جيڪڏهن منهنجي گهر مان 2 ارب هٿ ڪيا ويا ته اهي ٻه ارب ڪيڏانهن ويا ۽ ڪهڙي اداري وٽ آهن؟ اهڙين ڪوڙين خبرن کي نام نهاد سياستدانن به ٽي وي شوز ۾ بار بار ورجايو، هن چيو ته ملڪ ۾ پ پ لاءِ قانون ئي مخصوص آهي، الله تعاليٰ بعد عدالتن ۾ اعتماد آهي، ملڪ ۾ رهي ڪيسن کي منهن ڏيڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته نيب سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ميگا ڪرپشن اسڪينڊلن جي لسٽ پيش ڪئي، ان ۾ وزيراعظم نواز شريف، اسحاق ڊار، شهباز شريف ۽ راڻا مشهور جا نالا به شامل هئا، ڇا انهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا، جيڪڏهن سڀني لاءِ قانون هڪ آهي ته انهن جا به نالا شامل ڪيا وڃن ها، راڻا مشهود جي وڊيو ڪنهن کي نظر ڇو نه اچي رهي آهي؟ نيب سنڌ صوبي ۽ پ پ خلاف ڪارروائي لاءِ ٺاهي وئي آهي، ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ 2 قانون ڇو آهن؟ هن چيو ته گذريل رات جهاز مان لهڻ شرط 8 کان 10 سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن مون سان بدتميزي ڪئي، پڇڻ باوجود انهن نه ٻڌايو ته هو ڪير آهن؟ چونڊيل ميمبر آهيان، مون ۽ وزيرن جو لحاظ نه ڪيو ويو، نيب مون کي گذريل رات گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو؟ پهريان هڪ گاڏي ۾ ويهاريو ويو، پوءِ ٻي گاڏي ۾ ويهاريو ويو، گاڏي ۾ ويٺلن کان به معلوم ڪيو ته توهان ڪير آهيو؟ انهن به ڪجهه نه ٻڌايو، گرفتار ڪرڻ جا مهذب طريقيڪار به هوندا آهن، هن چيو ته سڀاڻي (اڄ) ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ويندس، ضمانت ملي به وڃي ته به نيب جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ نيب وٽ روزانو وڃڻ لاءِ تيار آهيان، نيب 5 هزار سوال ڪري، 5 هزار جواب ڏيندس، نيب پاران عدالت کان ضمانت مليل هجڻ باوجود گرفتار ڪرڻ عدالتي فيصلي جي توهين آهي پر آئون نيب خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل نه ڪندس، نيب جيڪو گذريل رات غير قانوني عمل ڪيو، نيب کي اهو معاف ڪريان ٿو.