اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مقرر ڪيل پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جنيوا مان اسلام آباد پهچي وئي آهي، خانگي چئنل موجب تهمينه جنجوعا اڄ پنهنجي نئين عهدي جو چارج سنڀاليندي، جڏهن ته ذريعن موجب فرخ عامل کي جنيوا ۾ پاڪستان جو مستقل سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندو، هو جاپان ۾ سفير جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.