لاهور (بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو آهي ته جيڪڏهن پاناما ڪيس ۾ انصاف نه مليو ته ملڪ زندهه نه رهي سگهندو، جيڪڏهن نواز ليگ ۽ قانون مان ڪنهن هڪ جو جنازو نڪتو ته پوءِ رت وهندو، لاهور ۾ شادين جي اجتماعي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ۽ آزادي فوجي عدالتن جي معاملي تي ڊيل جو نتيجو آهي، هن چيو ته شرجيل ميمڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عاصم ۽ عذير بلوچ جي به خبر پئجي ويندي، هن چيو ته اوباما جي نياڻي پيءُ جي صدارت ختم ٿيڻ کانپوءِ خانگي هوٽل ۾ ڪم ڪري ٿي پر اسان جي وزيراعظم جي نياڻي جو لنڊن ۾ 800 ڪروڙ جو فليٽ آهي، هن چيو ته ماڻهو موجوده نظام مان تنگ اچي ويا آهن، ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت قائم ٿيل آهي.