ملير (ن ڪ) ملير جو مشهور واپاري ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي نديم ميمڻ مبينا طور ٻه ڏينهن اڳ اغوا بعد بازياب، نديم ميمڻ جي مدعيت ۾ پ پ اڳواڻ ۽ ملير جي اهم شخصيت ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سندس ڀاءُ ڄام اويس گهرام خلاف ڪيس داخل، ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ مان ٻه ڏينهن اڳ ڊرامائي انداز ۾ مبينا طور اغوا ٿي ويل مشهور واپاري ۽ تازو ملير جي ننڍي چونڊ پي ايس 127 تي وڙهندڙ پي ٽي آءِ اميدوار حاجي نديم ميمڻ ڪالهه صبح  جو سوير بازياب ٿي گهر پهچي ويو، بازياب ٿيڻ بعد منجهند ڌاري حاجي نديم ميمڻ، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي پهچي پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن بعد پوليس سندس مدعيت ۾ ملير جي اهم شخصيت ۽ پ پ اڳواڻ ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ سندس ڀاءُ ڄام اويس گهرام خلاف اغوا ۽ تشدد  جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي حاجي نديم ميمڻ ڪاوش کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ڄام عبدالڪريم جي ماڻهن مون کي زبردستي گاڏي ۾ وجهي اغوا ڪيو ۽ ڄام هائوس کڻي ويا جتي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد منهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي گاڏي ۾ کڻي اڻڄاتل جڳهه تي وٺي ويا، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد مون کي واپس ڄام هائوس کڻي آيا جتان مون کي گذريل رات 4 وڳي آزاد ڪيو ويو، واقعي بابت سوال ڪرڻ تي حاجي نديم ميمڻ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائڻ کان معذرت ڪندي فون بند ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميمـڻ ڳوٺ پوليس ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس گهرام جوکيو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا  هنيا پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڄام عبدالڪريم جوکيو ڪاوش کي ٻڌايو ته مون مٿان داخل ڪرايل ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، حاجي نديم ميمڻ کي نه اغوا ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي مٿس تشدد ڪيو ويو آهي.