اسلام آباد (بيورو رپورٽ/آن لائن) يوم پاڪستان جي پريڊ جي سلسلي ۾ فل ڊريس ريهرسل جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه پاڪستان ايئرفورس جي جهازن فلاءِ پاسٽ ڪيو، جنهن سبب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ سندس جاڙي شهر راولپنڊي جي فضا سڄو ڏينهن گونجندي رهي، ريهرسل سبب ٻنهي شهرن ۾ منجهند هڪ وڳي تائين موبائيل فون سروس بند رهيا، مٿان وري ايڪسپريس وي، فيض آباد فلاءِ اوور ۽ مري روڊ کي بند ڪرڻ سبب شهرين کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو، هوڏانهن آن لائن موجب ٻنهي شهرن ۾ عورتن، ٻارڙن سميت شهرين پنهنجن گهرن جي ڇتن تي چڙهي جهازن جا ڪرتب ڏٺا، ٻارڙن ۽ عورتن هٿ لوڏي محبتن جو اظهار پڻ ڪيو.