اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ لاءِ قومي اسيمبلي مان اڄ آئيني ترميم جو بل منظور ڪرائڻ جو عمل ملتوي ڪندي فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئيني ترميم جو بل سڀاڻي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين ۾ اتفاق ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت اڄ ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس مان فوجي عدالتن جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، حڪومت جي اهڙي فيصلي جي روشني ۾ قومي اسيمبلي جي اڄ ٿيندڙ اجلاس لاءِ تيار ڪيل 16 نقاطي ايجنڊا ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل 2017ع منظور ڪرائڻ جو مامرو به شامل ڪيو ويو آهي، پر آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ٻه ڀاڱي 3 جي اڪثريت لاءِ گهربل 228 ميمبر اڄوڪي اجلاس دوران موجود نه ٿي سگهڻ جي امڪان سبب آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ووٽنگ جو عمل ملتوي ڪندي سڀاڻي اڱاري ڏينهن آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ووٽنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي پارلياماني ليڊرن سان رابطا ڪري اڄ گهربل ميمبر دستياب نه ٿي سگهڻ جي امڪان ڪري سڀاڻي آئيني ترميم جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ڪرڻ واري فيصلي بابت اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاران باضابطا طور تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ ترميمن تي ٿيل اتفاق راءِ کانپوءِ ترميمون قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي بل تي قومي اسيمبلي ۾ بحث اڄ ٿيندو، پر آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ ووٽنگ لاءِ سڀاڻي پيش ڪيو ويندو، ان حوالي سان اسپيڪر قومي اسيمبلي پارلياماني ليڊرن سان ڳالهائي چڪو آهي، اسحاق ڊار وڌيڪ چيو آهي ته اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيل پارلياماني ليڊرن جي اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي قائم ڪري ان ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني ليڊرن کي ميمبر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، ان فيصلي تحت قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي قيام لاءِ اڄ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، اسحاق ڊار تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اڄ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ طلب ڪيل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي، پارٽي جو اجلاس به سڀاڻي ٿيندو.