ڪراچي/حيدرآباد/سيوهڻ/گهوٽڪي (نمائندن وٽان)ڪراچي ۾ آدمشماري جي فارم 2 جون نقل ڪاپيون ورهائڻ جون شڪايتون، هڪ سوگهو، حيدرآباد ۾ آدمشماري بلاڪ وڏا هجڻ ڪري 40 ٽيمون وڌايون ويون، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ آدمشماري جي ٻئي ڏينهن تي عملو دير سان پهچڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ملير ۽ اولهه ضلعي جي ٻهراڙي وارين يوسيز سميت سامونڊي پٽي جي ڏورانهن علائقن گابو پٽ، موئيدان، ابراهيم حيدري، هاڪس بي، مبارڪ وليج، درساڻو ڇنو، منگهوپير، پپري، احسن آباد، ڪاٺوڙ، صفوران، شانتي نگر، ماروئڙا ڳوٺ، ڀٽائي آباد، انڊس وليج، سنڌ آباد ۽ مخدوم بلاول جي اڌ حصي سميت ڪيترن علائقن ۾ آدمشماري جو عملو نه پهتو آهي، گلشن اقبال ۾ واقع شانتي نگر سميت مختلف پاڙن جي گهرن ۾ نامعلوم ماڻهن پاران آدمشماري جي فارم ٽو جون نقل ڪاپيون ورهائي گهر ڀاتين کي چيو ويو آهي ته اوهان اهي فارم ڀري رکو ٻئي ڏينهن تي اسان پاڻ اوهان کان ڀريل فارم کڻي وينداسون، ان ڏس ۾ شانتي نگر جي رهواسين گل حسن ڀنڀرو، خادم حسين ۽ ٻين چيو ته شانتي نگر جي سنڌي پاڙي جي مختلف گهٽين جي اڪثر گهرن ۾ نامعلوم ماڻهن پاران فارم ٽو جون نقل واريون ڪاپيون ورهائي کين چيو ويو ته اوهان اهي فارم ڀري رکو، ٻئي ڏينهن تي ڄاڻايل فارم وصول ڪيا ويندا، اسان اهڙيون شڪايتون شماريات کاتي جي فوڪل پرسن حبيب الله خٽڪ ۽ ٻين لاڳاپيل ذميوارن تائين پهچايون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته شانتي نگر جي رهواسين پاران اهڙيون شڪايتون ملڻ کانپوءِ پوليس پاران فارم ٽو جون نقل واريون ڪاپيون ورهائڻ جي شڪ ۾ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن شماريات کاتي جي فوڪل پرسن حبيب الله خٽڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙيون شڪايتون ملڻ بعد صوبائي سطح تي لاڳاپيل ادارن کي اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، هن چيو ته جيڪي گهر، گهر شماري کان رهجي ويا آهن، اُهي آدمشماري واري هلندڙ مرحلي دوران ڳڻپ ۾ آندا پيا وڃن، هوڏانهن حيدرآباد ۾ آدمشماري وارا بلاڪ وڏا هجڻ ڪري انتظاميا 40 ٽيمون وڌائي ڇڏيون آهن، ذريعن موجب شماريات کاتي جي اختيارين پاران 9-2008ع واري دور جا گوگل تي نڪتل پراڻن نقشن جي آڌار تي 200 کان 250 گهرن تي هڪ بلاڪ جوڙيو ويو آهي پر گذريل 7 سالن دوران قاسم آباد ۽ ٻين هنڌن تي نقشي ۾ ڏيکاريل آبادي کان ڏهوڻ تي گهر ٺهڻ سبب آبادي وڌي وئي آهي، جنهن سبب نقشي جي حساب سان ٺاهيل بلاڪن جي آبادي وڌڻ سبب اختيارين آدمشماري ڪندڙ ٽيمن جي انگ ۾ 40 جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب 213 بلاڪن تي ٻڌل قاسم آباد جي 19 بلاڪن کي اوور سائيز قرار ڏنو ويو آهي، جنهن بعد ڄاڻايل بلاڪن لاءِ نيون ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر انور علي شر رابطو ڪرڻ تي ڪاوش سان ڳالهائيندي وڌيڪ ٽيمون ٺاهڻ جي تصديق ڪئي، هن چيو ته قاسم آباد ۽ ٻين سينسز ضلعن ۾ وڌيڪ آبادي وارا بلاڪ آهن، جنهن ڪري ٽيمون وڌايون آهن، هن چيو ته ٽيمون نه پهچڻ ۽ گهرن تي نمبر نه لڳڻ بابت شڪايت ڪندڙ ماڻهو پريشان نه ٿين، هلندڙ مرحلي ۾ گهرن نمبر لڳايل بلاڪن ۾ ڳڻپ ٿي رهي آهي، رهيل بلاڪن ۾ 30 مارچ کان شروع ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ آدمشماري وارو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، هوڏانهن گهوٽڪي ضلعي ۾ آدمشماري جي سلسلي ۾ ٻئي ڏينهن تي به ماڻهن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته آدمشماري مانيٽرنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي حاتن شر جي صدارت ۾ سنڌ هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ جسقم جي نصرالله ڪلادي، محبوب گهوٽو، ايس يو پي جي لعل بخش گهوٽو، الاهي بخش چاچڙ، ايس ٽي پي جي خالد لاکو، سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي اڳواڻ رئوف پارس دايو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته بلاڪ پراڻي آدمشماري جي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، جن تي اسان کي خدشا آهن، ٻئي طرف تعلقي سيوهڻ جي 10 يونين ڪائونسلن جي 34 سرڪلن ۽ 246 بلاڪن اندر آدمشماري جو سلسلو جاري آهي، رهيل گهرن ۽ گهراڻن کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خاص ريزرو ٽيم پاران گهرشماري جو سلسلو پڻ جاري رکيو ويو، تعلقي سيوهڻ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جي رهواسين شڪايت ڪئي آهي ته گهرشماري وانگر آدمشماري واري ٽيم ڪيترن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي نه سگهي آهي، جڏهن ته آدمشماري وارو عمل پڻ سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري خدشو آهي ته ڪيترائي گهر ۽ ماڻهو ڳڻپ کان رهجي ويندا.