اسلام آباد (آن لائن) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ خلاف سازش ٿي، جمهوريت لاءِ نتيجا قبول ڪيا، نواز شريف وٽ اخلاقي طور حڪمران رهڻ جو ڪو به جواز ناهي، فوجي عدالتن کي ملڪي مفاد ۾ قبول ڪيو، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت خلاف احتجاج دوران اسان جمهوريت خاطر حڪومت کي بچايو ۽ اسيمبلي کي ٽٽڻ نه ڏنو، هن چيو ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ۽ چونڊيل حڪومت وٽ عوام جو مينڊيٽ هجڻ گهرجي، نواز شريف وٽ عوامي مينڊيٽ ناهي، اخلاقي طور تي هو حڪومت ڪرڻ جي اهل ناهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊون ويجهو آهن، بيلٽ پيپر عالمي ڪمپنين کان ڇپرايا وڃن، آڱوٺي جي نشان سان چونڊن کي صاف شفاف بڻائي سگهجي ٿو، هن چيو ته پ پ سنڌ جي پارٽي ناهي اها سڄي ملڪ جي نمائندگي ڪري ٿي، پيپلزپارٽي اڃا وڌندي پر گهٽ نه ٿيندي، فاٽا کي خيبرپختونخوا ۾ مڪمل طرح ضم ڪيو وڃي.