ڪراچي (بيورو رپورٽ) مڪاني ادارن ۽ سڌ سماءُ واري کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ٿيل آهن، جڏهن ته سندس خلاف بحريه ٽائون کي ايم ڊي اي جي زمين جي فراهمي ۽ پاڻي جي ڪي فور رٿا جو رخ بحريه ٽائون ڏانهن موڙڻ ۽ ٻيلي کاتي جي زمين غير قانوني طور ڏيڻ  بابت انڪوائريون هلندڙ آهن، ڄاڻايل ٽنهي ڪيسن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شرجيل انعام ميمڻ جي منظور ڪيل حفاظتي ضمانت جو مدو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٽن مان هڪ ڪيس ۾ سندس حفاظتي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ٿي چڪي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل انعام ميمڻ جي ڄاڻايل ٽنهي ڪيسن ۾ 50 لک رپين جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ٽي ڀيرا موقعا ڏنا پر ان باوجود شرجيل انعام ميمڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن ڪري سندس ضمانت جو مدو ختم ٿي ويو، شرجيل انعام ميمڻ خلاف سڌ سماءُ واري کاتي ۾ اشتهارن جي مد ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن بابت احتساب عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي جتي عدالت سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان ريفرنس ۾ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي پڻ شروع ڪيل آهي، هن ڪيس ۾ اطلاعات کاتي جا ٻيا عملدار به جوابدار ڄاڻايل آهن، جن ۾ ذوالفقار شالواڻي ۽ ٻيا شامل آهن.