ڪراچي (رپورٽ: وحيد راڄپر) سنڌ سرڪار 2 هزار 773 ترقياتي رٿائن لاءِ سوا 9 مهينن ۾ جاري ٿيل 166 ارب رپيا خرچ ڪرڻ ۾ ناڪام، جاري ٿيل بجيٽ مان هن مهل تائين ڪل ساڍا 88 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا،  177 ارب رپيا 103 ڏينهن ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ سمورن انتظامي کاتن کي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ ذميوار ذريعن کان مليل مليل ڄاڻ زراعت کاتي جي 39 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 3 ارب 12 ڪروڙ مان هڪ ارب 75 ڪروڙ رپيا، اوقاف، زڪوات، عشر ۽ مذهبي معاملن واري کاتي جي 22 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 19 ڪروڙ مان 10 ڪروڙ رپيا، بورڊ آف روينيو جي 9 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل هڪ ارب 54 ڪروڙ مان اٽڪل سوا 71 ڪروڙ 87 لک رپيا، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي 3 رٿائن لاءِ جاري ڪيل 4 ڪروڙ 19 لک رپين مان 3 ڪروڙ 94 لک رپيا، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي 66 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل هڪ ارب 40 ڪروڙ مان سوا 82 ڪروڙ رپيا، تعليم کاتي جي 397 کاتي جي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 10 ارب مان 4 ارب 11 ڪروڙ رپيا، توانائي کاتي جي 6 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل ڏيڍ ارب مان اٽڪل سوا ارب رپيا، ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 10 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل پوڻا 20 ڪروڙ مان 8 ڪروڙ رپيا، ناڻي کاتي جي 4 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 15 ڪروڙ 57 لک مان 6 ڪروڙ 57 لک رپيا، ٻيلي کاتي جي 14 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 45 ڪروڙ مان 15 ڪروڙ 38 لک رپيا، گورنر هائوس سيڪريٽريٽ جي هڪ رٿا لاءِ جاري ڪيل 10 ڪروڙ مان 5 ڪروڙ رپيا، صحت کاتي جي 146 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 7 ارب 18 ڪروڙ رپين مان 2 ارب 46 ڪروڙ رپيا، گهرو کاتي جي جي 75 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 2 ارب مان اٽڪل 86 ڪروڙ رپيا، صنعتن واري کاتي جي 22 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل پوڻا 81 ڪروڙ مان 52 ڪروڙ 44 لک رپيا، آبپاشي کاتي جي 306 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 24 ارب 84 ڪروڙ مان 19 ارب 88 ڪروڙ رپيا، محنت ۽ افرادي قوت جي 4 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 5 ڪروڙ 40 لک مان پوڻا 54 لک رپيا، قانون، پراسيڪيوشن ۽ انساني حقن واري کاتي جي 44 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل پوڻا 90 ڪروڙ مان 61 ڪروڙ رپيا، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي 40 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 93 ڪروڙ 84 لک مان اٽڪل 19 ڪروڙ رپيا، مڪاني ادارن ۽ هائوسنگ کاتي جي 422 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 13 ارب 79 ڪروڙ مان اٽڪل سوا 8 ارب رپيا، ميچنگ ايلوڪيشن جي 3 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل سوا 4 ارب مان هڪ ارب 17 ڪروڙ رپيا، اقليتي معاملن واري کاتي جي 13 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل سوا 53 ڪروڙ مان 37 ڪروڙ 55 لک رپيا، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي 16 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 2 ارب 14 ڪروڙ مان 66 ڪروڙ رپيا، آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي 6 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل پوڻا 26 ڪروڙ مان هڪ ڪروڙ 38 لک رپيا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙي ترقيءَ جي 313 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 8 ارب 33 ڪروڙ مان اٽڪل سوا 3 ارب رپيا، بحالي واري کاتي جي 5 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل سوا 13 ڪروڙ مان 5 ڪروڙ 30 لک رپيا، سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊنيشن کاتي جي 43 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 2 ارب 15 ڪروڙ مان ساڍا 54 ڪروڙ رپيا، سيڙپڪاري بورڊ جي 5 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل سوا 12 ڪروڙ مان 3 ڪروڙ 40 لک رپيا، سماجي ڀلائي واري کاتي جي 12 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 7 ڪروڙ مان اٽڪل 4 ڪروڙ رپيا، خاص اُپائن واري کاتي جي 20 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 2 ارب 8 ڪروڙ مان 91 ڪروڙ 41 لک رپيا، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي 67 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل هڪ ارب 72 ڪروڙ رپين مان 93 ڪروڙ 70 لک رپيا، ٿرڪول جي 27 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل ساڍا 11 ارب مان اٽڪل 6 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي کي 10 ترقياتي لاءِ جاري ڪيل اٽڪل 2 ارب مان 2 ڪروڙ 87 لک رپيا، عورتن جي ڀلائي واري کاتي کي 11 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل 7 ڪروڙ 89 لک مان اٽڪل ساڍا 11 لک رپيا ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي 513 ترقياتي رٿائن لاءِ جاري ڪيل پوڻا 15 ارب مان اٽڪل 11 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن، واضح رهي ته سنڌ سرڪار صوبي جي 41 انتظامي کاتن، ضلعي انتظاميا ۽ مختلف سيڪٽرن کي 2 هزار 773 ترقياتي رٿائن لاءِ سوا 9 مهينن ۾ 166 ارب رپيا جاري ڪيا آهن لاڳاپيل کاتا سست رفتاري جو مظاهرو ڪندي هن مهل تائين ساڍا 88 ارب رپيا خرچ ڪري سگهيا آهن، سرڪار پاران اي ڊي پي 266 ارب رپين مان رهجي ويل 177 رپين جي بجيٽ 103 ڏينهن ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ سمورن انتظامي کاتن کي فنڊ خرچ ڪرڻ جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ترقياتي پروگرام 17-2016ع ۾ مختص ڪيل بجيٽ مان جون 2017ع تائين وڏي مشڪل سان ڪل 70 کان 80 سيڪڙو تائين فنڊ خرچ ٿي سگهڻ جو امڪان آهي.