راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آپريشن ردالفساد تحت پوري ملڪ ۾ ڪارروايون جاري آهن، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران اسلام آباد، راولپنڊي، سيالڪوٽ، لاهور، قصور ۽ اٽڪ ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، پنجاب رينجرز، انٽيليجنس ۽ پوليس گڏيل ڪارروايون ڪندي 19 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سرچ ۽ انٽيليجنس آپريشن دوران گرفتار ٿيلن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، گوليون، ليپ ٽاپ، پرڏيهي پاسپورٽ، پرڏيهي ڪرنسي ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد هٿ ڪيو ويو.